چاند بيبي

چاند بيبي

چاند بيبي

چاند بيبي: (1544- 1599ع): حسين نظام، احمد نگر (دکن) جي بادشاهه جي ڌيءُ هئي. رائج علم حاصل ڪرڻ سان گڏ فوجي سکيا به ورتائين. سندس شادي بيجاپور جي حاڪم علي عادل شاهه مردان سان ٿي. پرده نشين هوندي به ميدان جنگ ۾ اڪثر بهادر مردن کي مات ڏيندي هئي. چاند بيبيءَ کي مغل فوجن جي مقابلي ۾ زبردست ڪـامـيابيـون حـاصـل ٿيـون. ان ڪـري بيجاپور ۽ احمد نگر جي ماڻهن ۾ به همت پيدا ٿي. اڪبر اعظم احمد نگر جي فتح لاءِ شهزادي مراد کي مقرر ڪيو. ليڪن هن شير دل عورت 1595ع ۾ مراد کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. ٻئي سال گوداوري نهر جي ڪناري تي شهزادي دانيال سان زبردست مقابلو ڪيائين. آخرڪار 1599ع ۾ اڪبراعظم پاڻ مقابلي لاءِ آيو. احمد نگر جي قلعي دار حميد خان جي سازش ۽ غداريءَ جي ڪري، سپاهين هن بهادر عورت کي محلات ۾ داخل ٿي قتل ڪيو. ان طرح 1600ع ۾ اڪبر جو احمد نگر تي قبضو ٿي ويو. اها هڪ حقيقت آهي ته جيسين تائين چاند بيبي زنده هئي، اڪبر جو ڪوبه فوجي قلعي ۾ داخل نه ٿي سگھيو، ڇو ته هن بهادر عورت کان هندستان جا اڪثر بادشاهه ۽ حاڪم ڊڄندا هئا.


لفظ چاند بيبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو